بابر ڪپتاني بدران ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي : يونس خان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان بابر اعظم کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڪپتاني بدارن ڪرڪيٽ ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته بابر اعظم ڪارڪردگي سڌاري ۽ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي، ننڍي عمر ۾ بابر اعظم ڪيئي ڪارناما انجام ڏنا آهن ۽ هو ٽيسٽ ۾ مون کان وڌيڪ 15 هزار تائين رنسون ٺاهي سگهي ٿو، ڪپتاني ننڍڙي شئي آهي.يونس خان چيوته ويرات ڪوهلي جي مثال سڀني جي سامهون آهي، بابر تنقيد ڪرڻ وارن کي پنهنجي بيٽ سان جواب ڏئي پرفارمنس ڳالهائيندي آهي پر اڄڪلهه ڪرڪيٽرز ڳالهائيندا گهڻو آهن ۽ کيڏندا گهٽ آهن، سوشل ميڊيا استعمال ڪيو پر پهرين ترجيح ڪارڪردگي ۽ پارفارمنس هئڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان ۾ اِها روايت رهي آهي ته جيڪو ڳالهه مڃيندو آهي ڀلي کيس ڪپتاني نه ايندي هجي کيس ڪپتان بڻايو ويندو آهي ۽ جيڪو ڪپتاني جي اهل هوندو آهي اِهو ڳالهه ناهي مڃيندو سندس جاءِ تي ننڍي ڪرڪيٽر کي ڪپتان بڻايو ويندو آهي،ائين ڪيستائين هلندو.يونس خان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سبزي، فروٽ ۽ گروسري وڪڻڻ وارو کي به خبر آهي ٽيم جو ڪپتان ڪير ۽ ڪوچ ڪنهن کي هئڻ گهرجي پر ناهي خبر تي رڳو پي سي بي.يونس خان چيو ته مون کي به ڪوچن چيو ته هو يونس خان اسان جي مستقبل جي پلان جو حصو نه آهي، جنهن ڪوچ کي پنهنجي مستقبل بابت پتو ناهي اِهو رانديگر جي مستقبل جو فيصلو ڪندو آهي.هن چيو ته لڳي ٿو اڄ تائين پي س يبي کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا آهي، اوچتو فيصلا ٿيندا آهن ۽ ڪوچ ڪپتان تبديل ٿي ويندو آهي، ڪراچيءَ سان واقعي زيادتي ٿي رهي آهي، هتي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ گهرجي.اڳوڻي ڪپتان سنڌ سرڪار تي به تنقيد جا تير وسائيندي چيو ته ڪراچي کي ڏسي لڳي ٿو ته مان موهن جو دڙو ۾ آهيان، ڪراچي جي انفراسٽڪرچر تي ڪو به ڌيان ناهي ڏئي رهيو.
سيپٽمبر 15, 2024