ڪامران اڪمل بابر اعظم جي حمايت ڪري ڇڏي
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل ڪپتان تبديل ڪرڻ جي حوالي سان سوال اُٿاري ڇڏيا.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته هيوي ويٽ جڏهن به ايندا آهن ته ڪپتان تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڇو ڪندا آهن، ڇا ڪپتان سندن فيورٽ ناهي هوندو يا هو پنهنجي پسند جو ڪپتان چاهين ٿا.
هن چيو ته جڏهن ايشيا ڪپ، ون ڊي ورلڊ ڪپ، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هارايو تڏهن ڪپتان تبديل نه ٿيو، هاڻي ڇو ڪپتان تبديل ڪرڻو آهي؟ ان جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ بابر اعظم کي چيمپيئنز ٽرافي تائين رهڻ ڏيو، ڪهڙو فرق پوندو.
ڪامران اڪمل چيو ته سندس هڪ سوال اِهو به آهي ته ڇا نئون ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي، اسٽيو سمٿ ۽ مچل اسٽارڪ کي وٺي ايندو ۽ ٽيم کي مضبوط بڻائيندو؟ کيڏڻو ته ساڳن ئي رانديگرن کي پوندو.
هن چيو ته ڪپتان، ڪوچ، سليڪٽرن سڀئي پنهنجو نظام سڌارين، سوچ تبديل ڪن، جيڪڏهن ان ئي سسٽم تحت کيڏڻو آهي ته تبديليءَ جو ڪو فائدو ناهي.