غلطي جو احساس ۽ ملاقات جو پيغام، اميتاڀ بچن مائيڪل جيڪسن جو قصو ڇيڙي ڇڏيو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن پهريون ڀيرو آمريڪي پاپ گلوڪار مائيڪل جيڪسن کي پنهنجي سامهون ڏٺو ته هو بيهوش ٿيڻ لڳو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اميتاڀ بچن پنهنجي ٽي وي شو ” ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي 16 هين سيزن جي تازي قسط ۾ مشهور راڳي مائيڪل جيڪسن سان پنهنجي ملاقات جو قصو ٻڌايو.
هن چيو ته ڪيئي سال پراڻي ڳالهه آهي، هو نيويارڪ جي هڪ هوٽل ۾ ترسيل هو، جتي هڪ ڏينهن سندس در وڳو ۽ جڏهن دروازو کوليو ته ٻاهر مائيڪل جيڪسن بيٺو هو.
ليجنڊري اداڪار چيو ته پهريون ڀيرو مائيڪل جيڪسن کي پنهنجي سامهون ڏي دنگ رهجي ويو هئس ۽ ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ وارو هئيس ڇو ته مون کي يقين نه پئي آيو ته مائيڪل جيڪسن منهنجي سامهون بيٺو آهي پرپوءِ مون پاڻ کي پُرسڪون ڪيو ۽ راڳي سان ” دعا سلام “ ڪئي.
هن چيو ته مائيڪل جيڪسن مون کان پڇيو ته ڇا هي منهنجو ( مائيڪل جيڪسن ) ڪمرو آهي؟ جڏهن مان کيس ٻڌايو ته هي اوهان نه پر منهنجو ڪمرو آهي ته کيس احساس ٿيو ته هو اڻڄاڻائي ۾ غلط ڪمري ۾ اچي ويو آهي.
اميتاڀ بچن چيو ته ان کانپوءِ مائيڪل جيڪسن پنهنجي ڪمري ۾ وڃي مون ڏانهن ملاقات جو پيغام اُماڻيو، جنهن کانپوءِ اسان هڪ هنڌ ويهي کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون.
اداڪار مائيڪل جيڪسن کي ساراهيندي چيو ته هو لازوال شهرت ملڻ باوجود يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين نهٺو ۽ مهربان شخص هيو.
واضح رهي ته مائيڪل جيڪسن 25 جون 2009 تي پنهنجي مداحن کان جسماني طور سدائين لاءِ وڇري ويو، پر سندس آواز ۽ گيت اڄ به ڪروڙين مداحن کي پنهنجي سحر جڪڙيون ويٺا آهن.

سيپٽمبر 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو