پاڪستاني ٽيم جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن تي پوري نه ٿي لهي: سارو گنگولي

Spread the love

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سارو گنگولي افسوس جو اظهار ڪندي نشاندهي ڪئي آهي ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو ٽيلينٽ ختم ٿي ويو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻو چيئرمين سارو گنگولي پاڪستان جي موجودا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي انتهائي حيرت جو اظهار ڪندي قومي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.
سارو گنگولي چيو ته مان پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي حقيقي کوٽ محسوس ڪري رهيو آهيان، جڏهن به اسان پاڪستان بابت سوچيندا آهيون، اسان کي ميانداد، وسيم، وقار، سعيد انور، محمد يوسف ۽ يونس خان ياد ايندا آهن.
هن چيو ته اسان جون پاڪستان ٽيم سان ڪيئي يادون آهن، پر اِها ڪوالٽي پاڪستان جي جديد ڪرڪيٽ ٽيم ۾ نظر نه ٿي اچي، هر نسل کي کٽڻ لاءِ شاندار رانديگر پيدا ڪرڻا پوندا آهن.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته مان ڊگهي عرصي کان عالمي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺي رهيو آهيان، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز ۾ ڏٺو، عالمي ڪپ دوران ڀارت ۾ ڏٺو ۽ هاڻي بنگلاديش جي سيريز ۾ شڪست کانپوءِ ڏٺو، ان ملڪ ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سان واڳيل ماڻهن کي ان معاملي تي انتهائي سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪرڻو پوندو، اهڙيون ڳالهيون ڪنهن کي بعزت ڪرڻ لاءِ نه پيو ڪيان، پراڻي پاڪستاني ٽيم وٽ ڪجهه عظيم ڪرڪيٽر هئا، جيڪي مون کي هن ٽيم ۾ نظر نه ٿا اچن.

سيپٽمبر 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو