ڪراچي: سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 جو بوائز پرائمري اسڪول زبون حال بڻيل ، کاتي جي اختيارين نوٽيس وٺي ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي ضلعي اوڀر جي سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 جي سکيا ڳوٺ جي زبون حال بڻيل گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جون خبرون ھلڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيس وٺي ڇڏيو
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اسڪول جي مرمت لاء ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي اختيارين کي ليٽر لکي ڇڏيو زبون حال اسڪول جي معاملي کي اٿارڻ تي رھواسين صحافين جي ڪم کي ساراھيو
خبرموجب ڪراچي ضلعي اوڀر سھراب ڳوٺ ٽائون جي سکيا ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول جي زبون حال ھئڻ جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي
ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ايجوڪيشن آفيسر پرائمري امتياز احمد قريشي سکيا ڳوٺ بوائز پرائمري اسڪول جي تعمير ۽ مرمت لاء اسڪول جو موسٽ ارجنٽ واري لسٽ ۾ نالو شامل ڪري اسڪول جي تعمير لاء تعليم کاتي جي اختيارين ۽ ايجوڪيشن ورڪس وارن ڏانھن ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي
ان سلسلي ۾ تعليم کاتي ڊسٽرڪٽ ايسٽ پرائمري جي ڊي اي او امتياز احمد قريشي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ سکيا ڳوٺ سميت ضلعي جا 17 اسڪول زبون حال بڻيل آھن جن جي لسٽ تعليم کاتي ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي اختيارين ڏانھن موڪلي ڇڏي آھي جنھن جو جلد ڪم شروع ڪيو ويندو
ھوڏانھن سکيا ڳوٺ جي زبون حال بڻيل اسڪول جو معاملو اٿارڻ تي رھواسين صحافين جي ڪم ساراھيو ان سلسلي نظر ساريو شاھد برفت اياز ساريو گلشير اوڏ سھيل ھڪڙو زاھد برفت منشا آرائين ۽ ٻين چيو تـ صحافين جو معاشري ۾ تمام وڏو ڪردار آھي
ھنن چيو تـ ڪراچي ڊسرڪٽ ايسٽ پريس ڪلب جا صحافي جس لھن جن سکيا ڳوٺ جي زبون حال بڻيل اسڪول جو آواز اٿاريو جنھن سبب اسڪول جي تعمير ۽ مرمت ڪرائڻ لاء لسٽ ۾ نالو شامل ڪيو ويو آھي اميد آھي تـ جلد اسڪول جي تعمير وارو ڪم شروع ڪيو ويندو.
سيپٽمبر 12, 2024