ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان جي پهرين فتح، جپان کي 1-2 تان شڪست
بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان پنهنجي ٽِين ميچ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
چين جي شهر هولنبيئر ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جپان کي 1-2 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
قومي ٽيم طرفان نديم احمد پهرئين ڪوارٽر ۾ گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري، پر جپان ٻئي ڪوارٽر ۾ ميچ برابر ڪري ڇڏي.
ٻئي ڪوارٽر جي ڏهين منٽ ۾ سفيان خان گول ڪري پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر برتري ڏياري جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين برقرار رهي.
ان کان اڳ قومي ٽيم جون ايونٽ ۾ شروعاتي ٻه ميچون برابري تي ختم ٿيون هيون، پهرين ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا خلاف مقابلو 2-2 تان جڏهن ته ملائيشيا خلاف ميچ به 2-2 گولن تان برابر ٿي.
پاڪستان پول جي پنهنجي آخري ميچ ۾14 سپٽيمبر تي ڀارت خلاف ميدان تي لهندو، اِهو مقابلو پاڪستاني معياري وقت موجب، منجهند ساڍي ٻارنهين وڳي شروع ٿيندو.
مينز ايشين چيمپيئنز هاڪي ٽورنامينٽ جا سيمي فائنل 16 سپٽيمبر تي جڏهن ته فائنل 17 سپٽيمبر تي ميگا ايونٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.