دادو  ويجهو زمين جي تڪرار مامن جو ڀاڻيجي تي تشدد

Spread the love

دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان ڳوٺ دوداڻي جمالي ۾ زرعي زمين جي تڪرار ۽ وڻن جي وڍائي  سبب مامي پاران ڀاڻج تي تشدد زن دختر گاريون اين سي داخل.  تشدد جو شڪار ٿيل سنڌ پريس ڪلب جو ميمبر  صحافي ابراهيم جمالي ۽ مير جمالي  مامن جي ناانصافين خلاف انصاف لاءِ دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ويا صحافي ابراهيم جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ناني ڪوڙو خان جي زمين م اسان جو حصو آهي

ان زمين مان اسان جا  ماما سلطان جمالي، عرض محمد جمالي وڻ وڍي وڪرو ڪري رهيا آهن آهن جڏهن انهن کي اسان روڪيو ته انهن مون کي گار گند ڪري  مون موت مار ڌمڪيون پڻ ڏنيون ۽ تشدد ڪيو  هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڊي سي آفيس م ڪيس هلندڙ هيو  اسان جي فتح نصيب ٿي جڏهن اسان جي حق م فيصلو آيو ته هنن سري عام گھنڊا گردي ڪندي وڻن جي وڍائي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي

جيڪا غير قانوني آهي اسان هن مهل اي سيڪشن ٿاڻي تي پهتا آهيون اميد آهي ته انصاف ٿيندو ھنن سيشن جج، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته هنن جيڪو غير قانوني ڪم ڪيو آهي انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

سيپٽمبر 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو