ڪينسر جي علاج دوران حنا خان ۾ هڪ ٻئي مرض جي سڃاڻپ
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا حنا خان کي ڇاتي جي ڪينسر جي علاج دوران ميوڪوسائٽس نالي مرض جي سڃاڻپ ٿي آهي.حنا خان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي مداحن جي نالي جاري ڪيل پوسٽ ۾ ميوڪوسائٽس جي سڃاڻپ ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو.اداڪارا چيو ته ڪيموٿراپي جو هڪ ٻيو ضمني اثر ميوڪوسائٽس آهي، توڙي جو مان ان جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن جي مشوري تي عمل ڪري رهي آهيان پر جيڪڏهن توهان مان ڪو ان مرض مان گذريو آهي يا ڪو ان جو علاج ڄاڻي ٿو ته مهرباني ڪري تجويز ڏئي.هن چيو ته ان بيماري ۾ کائڻ پيئڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويندو آهي، مان چڱي طرح کائي به نٿي سگهان، توهان جي طرفان تجويز ڪيل علاج سان مون کي مدد ملندي.حنا خان جي پوسٽ تي جتي مداحن کيس گهريلو علاج ٻڌايو، اتي ئي سندس صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
سيپٽمبر 7, 2024