سکر : باگڙجي لڳ ساٻا ڳوٺ واسي ڪلهوڙا برادري پاران گڏ عبدالرزاق ڪلهوڙو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو
سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي باگڙجي لڳ ساٻا ڳوٺ جي رهواسي ڪلهوڙا برادري جي عورتن مردن معصوم ٻارن سان گڏ عبدالرزاق ڪلهوڙو جي بازيابي لاء سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف کپي انصاف کپي جا نعرا هنيا ان موقعي تي عبدالخالق ڪلهوڙو ٻڌايو ته سندس ڀاء عبدالرزاق ڪلهوڙو پنج سيپٽمبر تي سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ حاضري کان پوء واپس ايندي پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي
اسان کي ڇڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي پوليس ٿاڻن سميت مٽ مائٽن وٽان ڳولها ڪئي آھي پر ڪو به ڏس پتو نه پئجي رهيو آھي ڀاء جي پراسرارگمشدگي بابت ڊي آء جي سکر کي درخواست به ڏني آھي۔مظاهرين جو چوڻ هو ته عبدالرزاق جيڪڏهن ڪنهن ڏوھ ۾ آھي
ته کيس ظاهر ڪيو وڃي ۽ اغوا ڪندڙن کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته اسين غريب آھيون رب جي واسطي کيس آزاد ڪيو وڃي۔هنن ڊي آء جي سکر ۔ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي آھي ته عبدالرزاق ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سيپٽمبر 7, 2024