ٺٽو: گذريل ھڪ ھفتي کان جاري برساتن ضلعي ٺٽي سميت ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ۾ بہ تباھي مچائي ڇڏي

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) گذريل ھڪ ھفتي کان جاري برساتن ضلعي ٺٽي سميت ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ۾ بہ تباھي مچائي ڇڏي، سنڌ سرڪار سميت چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميہ ٺٽو بہ ساحل واسين جي وساري ڇڏيو،

 برسات متاثرين جو دانھون، واھر ڪري ابادگارن کي پھچندڙ نقصان جو ازالو ڪرائي ڪيٽي بندر کي افت زدہ قرار ڏيئي آبادگارن ۽ زميندارن پاران بئنڪن مان کنيل قرض معاف ڪري کين رليف مھيا ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ بگھاڻ ويجھو ساحل واسي ڳوٺ بابو ڪناد جي ڪيترن ئي رھواسين محمد حسين ڪناد، احمد ڪناد، چوڌري شاھد، الھبخش عباسي، سليم سمون ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ تازو شروع ٿيل برساتون ڪيٽي بندر ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ رحمت بجاء زحمت بڻجندي پئي وڃي،

ھنن چيو تہ تيز طوفاني برساتن ڪيٽي بندر ۽ ان جي آسپاس ۾ وڏي تباھي مچائي سنـدن سوين ايڪڙن تي بيٺل تيار فصل ڪيلا، پان، ساريال ۽ سبزين جي فصلن کي ڪافي نقصان پھچايو آھي، جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن، ھنن چيو تہ سندن زمينون سمنڊ ويجھو ھجڻ ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ بہ مشڪل بڻجي ويو آھي، پر ھتان جي متاثر ساحل واسين توڙي آبادگارن جي ڪير بہ پوئيواري ڪرڻ وارو ناھي، جن وڏا قرض کڻي آباديون ڪيون آھن،

جيڪي مڪمل پاڻي جي نظر ٿي تباھ ۽ برباد ٿي ويون اھن، ھنن چيو تہ سندن سمورو ساحلي علائقو پاڻي ئي پاڻي آھي، ھنن چيو تہ برساتن غريب پورھيتن جا گھر ڪيرائي انھن کي بہ بي گھر ڪري ڇڏيو آھي، جن جي بہ ڪير سار لھڻ وارو ناھي، ھنن سنڌ حڪومت، صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، ڊي سي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ڪيٽي بندر کي افت زدہ علائقو قرار ڏيئي ابادگارن ۽ زميندارن جا بئنڪن مان کنيل قرض معاف ڪري کين رليف مھيا ڪرڻ سان گڏ سندن ڳوٺن توڙي زمينن ۾ جمع ٿيل برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرائي کين وڌيڪ نقصان کان بچائي بي گھر ٿيل غريب برسات متاثرين جي واھر ڪري کين تنبو، راشن ۽ ٻيو ضرورت جو سامان مھيا ڪري انھن کي پريشاني کان بچايو وڃي، جيئن ھو تڪليف مان نجات پائي سگھن.

سيپٽمبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو