راڻي پور: “علم آزادي آھي ۽ جهالت غلامي آھي” جي عنوان تحت ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

راڻي پور (رپورٽ: سعيداحمدسھتو  )علم آزادي آھي ۽ جهالت غلامي آھي جي عنوان تحت ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ مين پرائمري اسڪول ڄامڙا جي هيڊ ماستر استاد بشير احمد ڄامڙو،استاد عبدالمجيد وساڻ جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا واڪ ريلي ڪڍي وئي

 ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر استاد بشير احمد ڄامڙو ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته نئين تعليمي سال ۾ والدين پنهنجي معصوم ٻارڙن کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪيون ٿا ان ڪري اسان علائقي واسين کي  سجاڳ ڪرڻ لاءِ علم آزادي آھي ۽ جهالت غلامي آھي جي عنوان تحت جاڳرتا ريلي ڪڍي آھي

 ان حوالي سان  ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن کي دعوت ڏئي رهيا آھيون ته پنهنجي معصوم ٻارڙن کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائي پنهنجو قومي فرض پورو ڪن ڇو ته پرائمري اسڪول شاگردن جي پهرين درسگاھ آھن

جتي شاگردن کي تعليم سان گڏو گڏ اخلاقي تربيت پڻ ڏني ويندي آھي ته جيئن اڄ جا ننڍڙا ٻالڪ سڀاڻي جا معاشري جا بهترين فرد ثابت ٿيئن ان لاءِ اسان سڀني والدين کي گذارش ڪيون ٿا ته وڌ کان وڌ ٻارڙن کي پرائمري اسڪولز ۾ داخلا ڏيارڻ ۾ اسان سان سهڪار ڪري پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن کي سرڪاري پرائمري اسڪول جي زينت بڻائين ته سندن ٿورائتا رهنداسين

سيپٽمبر 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو