ٻي ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن ختم، پاڪستان 274 تي آئوٽ
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي وئي، مهمان ٽيم بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 10 رنسون ٺاهي ورتيون. قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 274 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
راولپنڊي ۾ کيڏي ويندڙ ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پاڪستان خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ٻئي ڏينهن پاڪستان جڏهن بيٽنگ شروع ڪئي ته کيس ٻڙي تي پهريون نقصان ٿيو جڏهن عبدالله شفيق کي تسين احمد جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو.
ڪپتان شان مسعود ۽ سعيم ايوب ٻي وڪيٽ جي لاءِ 107 رنسن جو اضافو ڪيو، شان مسعود 57 رنسون ٺاهي مهدي حسن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.
ٽيون آئوٽ بيٽسمين صائم ايوب هو جيڪو 58 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد 123 رنسن تي اسٽمپ ٿي ويو، هو به مهدي حسن جي هٿان آئوٽ ٿيو.
بنگلاديش خلاف پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ 151 رنسن تي ۽ پنجين وڪيٽ 179 رنسن تي ڪري پئي. هن ڀيري آئوٽ ٿيڻ وارن ۾ سعود شڪيل 16 ۽ بابر اعظم 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
گذريل ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ محمد رضوان ٻئي ميچ جي پهرين اننگز ۾ 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو هو. کيس ناهيد رانا ڪيچ آئوٽ ڪيو.
بعد ۾ سلمان علي آغا شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو مجموعو 274 رنسن تائين پهچايو.
سلمان 54 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏڻ کانپوءِ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته خرم شهزاد 12، محمد علي 2 ۽ ابرار احمد 9 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان مهدي حسن معراج 5، تسين احمد 3 جڏهن ته شڪيب الحسن ۽ ناهيد رانا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين بنگلاديش بنا ڪنهن وڪيٽ جي نقصان تي 10 رنسون ٺاهي ورتيون. شادمان اسلام 6 جڏهن ته ذاڪر حسن بنا ڪنهن رنسون ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند برسات سبب ختم ٿي وئي هئي.
آگسٽ 31, 2024