ڪراچي: سکيجا فائونڊيشن پاران “Science of Self Realization” جي عنوان تي ا سيمينار ٿي گذريو
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) سکيجا فائونڊيشن پاران “Science of Self Realization” جي عنوان تي انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مينيجمينٽ اڪائونٽنٽس پاڪستان (ICMA) ۾ سيمينار ٿي گذريو جنھن ۾ بزنيس انٽرپرنيوئر ۽ سکيجا فائونڊيشن جي چيئرمين هريش سکيجا آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي شڪريو ادا ڪيو
جڏهن تہ شياما چندر داس جيڪو مقدس گوپال ڪرشن گوسوامي جو شاگرد آهي ۽ 2008 کان وٺي پنهنجي گروديو ۽ سريلا پرڀوپادا جي مهرباني سان ڪرشن شعور جي پيغام ۽ ڀڳوت گيتا جي تعليمات تي عمل ۽ تبليغ ڪري رهيو آهي. هن جون ڪوششون نوجوانن کي مشغول ڪرڻ تي مرڪوز آهن.
دنيا ۾ جديد سماج جي ضرورتن ۽ رجحانن جي مناسبت سان سيمينارن ۽ هفتيوار سيشنس کي منظم ڪندي هن مختلف ملڪن ۾ سيمينار ڪرايا جن ۾ سوئٽزرلينڊ، انڊيا، دهلي، ممبئي، جوهو، چوپاٽي، پوني، گيوَ، عمان مسقط، ڪرغزستان، روس ماسکو، پاڪستان، ۽ UAE (دبئي) شامل آهن
شياما چندر داس پنهنجي زندگيءَ جي ڪامياب سفر ۽ نوجوانن کي سيلف ريئلائيزيشن تي بهترين مثالن سان ملٽي ميڊيا ذريعي سلائيڊ تي سمجهايو.
جڏهن تہ نرملا ديوي داسي جيڪا مقدس گوپال ڪرشن گوسوامي جي شاگردياڻي آهي ۽ 2011 کان وٺي پنهنجي گروديو ۽ سريلا پرڀوپادا جي مهرباني سان ڪرشن شعور جي پيغام ۽ ڀڳوت گيتا جي تعليمات تي عمل ۽ تبليغ ڪري رهي آهي.
پاڪستاني هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿي، هوءَ هڪ عملي چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي جيڪا دبئي ۾ آڊٽ جي شعبي ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي جن سيمينار جي موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊيا. سيمينار جي ڪاروائي گلاب پرمار هلائي.
پروگرام ۾ آئي سي ايم اي پاڪستان سائوٿ ريجن جو ڊائريڪٽر لال محمد لکن، هيڊ آف پليسمينٽس اينڊ انڊسٽرائيل لنڪيجز آئي سي ايم اي انٽرنيشنل مئڊم ستعيش آصم، ٽيڪس ڪنسلٽنٽ امام ايسوسيئيشن سريش ڪمار، گيانچند پنجاڻي، ٿر بوائز اسٽوڊنٽس ھاسٽل سچل ڳوٺ ۽ ڊائو يونيورسٽي جا شاگرد شريڪ ٿيا تقريب جي آخر ۾ آيل شاگردن پاران اسپيڪرس سان سوال جواب ڪيا، سکيجا فائونڊيشن طرفان لال محمد لکن، ستعيش آصم ۽ سريش ڪمار کي ايوارڊ شيلڊ ڏني وئي آيل.
آگسٽ 31, 2024