برسات سان متاثر وڪيٽ خشڪ ڪرڻ لاءِ پي سي بي جو جديد طريقو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي سي بي راولپنڊي ۾ بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ برسات سان متاثر وڪيٽ خشڪ ڪرڻ لاءِ ”جديد“ طريقو استعمال ڪندي ماهرن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
سڄي دنيا ۾ جتي به ڪرڪيٽ کيڏي ويندي آهي، اتي ميچن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو ويندو آهي پر پي سي بي جو منطق ئي نرالو آهي ۽ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ هڪ طريقو متعارف ڪرايو آهي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ 30 آگسٽ کان راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي پر وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو به جاري آهي.
راولپنڊي ۽ ڀرپاسي گذريل ڏينهن ٿيندڙ تيز برسات سبب ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي آئوٽ فيلڊ ۽ ميچ لاءِ مختص ڪيل وڪيٽ آلي ٿي وئي پر وڪيٽ خشڪ ڪرڻ لاءِ پي سي بي عملي نئون طريقو ڳولي ورتو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گرائونڊ اسٽاف وڪيٽ خشڪ ڪرڻ لاءِ پيڊسٽل پکا استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وڪيٽ تي پکا لڳايا ويا ته جيئن وڪيٽ کي ميچ کان اڳ وقت تي تيار ڪري سگهجي.