چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي شيڊيول جو اعلان

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيمپيئنز ون ڊي ڪپ جي شيڊيول کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.
اها ٽورنامينٽ 12 کان 29 سيپٽمبر تائين اقبال اسٽيڊيم فيصل آباد ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ملڪ جا 150 بهترين ڪرڪيٽر حصو وٺندا.
50 اوورن جي اها ٽورنامينٽ سنگل ليگ جي بنياد تي کيڏي ويندي، افتتاحي ميچ پينٿرز ۽ وولوز وچ ۾ ٿيندي.
چئن ڏينهن ۾ 3 پلي آف ٿيندا، جڏهن ته فائنل آچر 29 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.
واضح رهي ته پي سي بي سومر تي 5 چيمپيئن مينٽورز جو اعلان ڪيو هو، انهن جي ٽيمن ۽ 15 رڪني اسڪواڊن جو ايندڙ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

آگسٽ 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو