”استري 2“ جو راڄ برقرار، ڀارت جي سڀ کان وڏي 10 فلمن ۾ شامل

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) شرڌا ڪپور ۽ راج ڪمار رائو جي هارر ڪاميڊي فلم ”استري 2“ ڀارت جي تاريخ جي 10 سڀ کان وڏين فلمن ۾ شامل ٿي هئي.
شروعاتي اندازن موجب فلم جي مجموعي ڪمائي 414.55 ڪروڙ رپيا ٿي وئي آهي، ان سان گڏ ئي ”استري 2“ ڀارت جي سڀ کان وڏي 10 فلمن جي فهرست ۾ ڏهين نمبر تي اچي وئي آهي.
ايندڙ هفتن ۾ ڪا وڏي فلم نه هجڻ سبب ”استري 2“ جو 500 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.

آگسٽ 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو