عمران خان محسن نقوي کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي ناڪامين جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي ڪرڪيٽ بابت انتظامي صلاحيتن تي سوال اُٿاري ڇڏيا.
عمران خان بنگلاديش هٿان قومي ٽيم جي شڪست جو ذميوار پي سي بي چيئرمين کي قرار ڏيندي مٿس بدانتظامي ۽ خراب ڪارڪردگي جو الزام مڙهي ڇڏيا.
پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ ٽيم جي انتهائي خارب ڪارڪردگي رهي.
هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان عالمي ڪپ جي چئن سرفهرست ٽيمن يا ٽي ٽوئنٽي جي ٽاپ اٺ ٽيمن ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو ۽ قومي ٽيم کي پهريون ڀيرو بنگلاديش هٿان عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو .
عمران خان چيو ته اڍائي ورهيه اڳ ان ئي ٽيم ڀارت کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، اڍائي سالن ۾ اهڙو ڇا ٿي ويو جو اسان بنگلاديش کان به ڏهن وڪيٽن تان هارائي وياسين.

آگسٽ 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو