شڪيب الحسن خلاف قتل جو ڪيس، بنگلاديشي ڪرڪيٽرن اهم بيان ڏئي ڇڏيو

Spread the love

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي اسٽار آل رائونڊر شڪيب الحسن تي قتل ڪيس خلاف ڪپتان نجم الحسن شانتو ۽ تجربيڪار بيٽر مشفيق الرحيم اڳوڻي ڪپتان جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويا.
بنگلاديش جي آل رائونڊر ۽ عوامي ليگ سان واسطو رکندڙ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر شڪيب الحسن تي ڍاڪا ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، قتل جي ڪيس تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) ڏانهن ليگل نوٽيس پڻ اُماڻيو ويو آهي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب، شڪيب الحسن مٿان ڍاڪا ۾ گارمينٽ فيڪٽري جي ملازم جي قتل جو الزام آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مقتول جي والد ڍاڪا پوليس اسٽيشن ۾ شڪيب الحسن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.
ٻئي پاسي بنگلاديش جي موجودا ڪپتان نجم الحسن شانتو ۽ مشفيق الرحيم شڪيب الحسن جي حمايت ڪئي آهي.
بنگلاديشي ڪپتان نجم الحسن شانتو جو چوڻ آهي ته شڪيب الحسن ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ بنگلاديش کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني هو سترنهن ورهين کان ملڪ جو نالو روشن ڪيون پيو اچي.
هن چيو شڪيب الحسن ملڪ جو وڏو اثاثو ۽ هيرو آهي، مٿس قتل جو ڪيس غير متوقع آهي.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفيق الرحيم چيو ته هو شڪيب الحسن خلاف غلط الزامن جي حمايت نه ٿو ڪري، شڪيب الحسن ڪڏهن به غير انساني ڪم نه ٿو ڪري سگهي.

آگسٽ 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو