ٺٽو : سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال بابت پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل پڌرائي بعد ڊپٽي ڪمشنر  جي آفيس ۾ اجلاس منعقد

Spread the love

ٺٽو( نظير احمد قريشي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال بابت پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل پڌرائي بعد پنهنجي آفيس ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ آبپاشي، ڊرينيج، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي هداي ڪئي ته برسات جي ايمرجنسي تائين 24 ڪلاڪ الرٽ رهن ۽ بغير اجازت هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏين. هن کين وڌيڪ هدايت ڪئي ته برساتن دوران امڪاني ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي ڪنهن به پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي.

 هن ڊرينيج، پبلڪ هيلٿ ۽ لوڪل گورنمينٽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سمورن مين ڊسپوزلز جي صفائي سٿرائي سميت اھم روڊن ۽ رستن خاص طور تي ھيٺاھين وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ سموري مشينري کي فعال رکن. هن آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو درياهه جي بندن جي سخت نگراني ڪن ۽ آبڪلاڻي سامان سميت سموري گهربل مشينري جي موجودگي کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪنهن به امڪاني اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي.

آگسٽ 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو