پنڊي ٽيسٽ: بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 565 رنسون ٺاهي پاڪستان کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پنڊي ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 23 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته ان کي بنگلاديش جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 94 رنسن جي ضرورت آهي.
راولپنڊي ۾ جاري ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 23 رنسون ٺاهي ورتيون، صائم ايوب هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته عبدالله شفيق 12 ۽ ڪپتان شان مسعود 9 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
ان کان اڳ بنگلاديش جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 565 رنسن تي آئوٽ ٿي، مشفق الرحيم 191، شادمان اسلام 93، مهدي حسن 77، لٽن داس 56 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان نسيم شاهه 3، شاهين آفريدي، خرم شهزاد ۽ محمد علي 2-2، جڏهن ته صائم ايوب هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي.

آگسٽ 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو