سکر ۾ انتظاميا رولاڪ ڍورن کي روڊ رستن تي گهمڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ انتظاميه رولاڪ ڍورن کي روڊ رستن تي گهمڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام، شهر جي روڊن تي ڇڙواڪ ڍورن جا ولر، شهري ۽ دوڪاندار سخت پريشاني جو شڪار، لاڳاپيل کاتي جي عملدارن ۽ نمائندن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو.ان سلسلي ۾ سکر انتظاميا ۽ لاڳاپيل کاتي جي نااهل عملدارن جي ناقص ڪارڪردگي سبب سکر شهر جي مصروف ترين روڊن، ايوب گيٽ، ڍڪ روڊ سميت ٻين علائقن ۾ ڏينهن جو رولاڪ ڍور سري عامئگهمندا وتن ٿا
جنهن سبب ڍور اڪثر راهگيرن۔موٽر سائيلن سان ٽڪرائجڻ ڪري حادثا پيش اچن ٿا جڏهن ته دوڪانن ٻاهران رکيل سبزيون۔فروٽ ۽ ٻيو کاڌي جو سامان کائڻ شروع ڪن ٿا جنهن سان دوڪاندارن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پويٿو جڏهن ته آواره ڍورن روڊن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ڏينهن رات روڊن تي گشت ڪندا نظر اچن ٿا رولاڪ ڍور روڊن تي گندگي ڦھلائن ٿا
جڏهن ته آوارا ڍور شهر جي ڪچري جي ڍيرن مان کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ روڊن تي ڪچرو اڇلائي رهيا آهن،ان ڏس ۾ شھرين ۽ دوڪاندارن جو چوڻ آھي ته شڪايتن باوجود سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو عملو روڊن تي گهمندڙ ڍورن کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو آهي، خاص ڪري ڪروڙين روپين جي گرين بيلٽ کي کائين ۽ اتي ئي آرام ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو آھي.
آگسٽ 21, 2024