سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي اعليٰ اختياري اداري سئنڊيڪٽ جو 116ھون اجلاس

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي اعليٰ اختياري اداري سئنڊيڪٽ جو 116ھون اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي صدارت ھيٺ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر طٰحى حسين علي، وائيس چانسلر، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو ايڇ اي سي جي نمائندي طور موجود ھو، صوبائي سيڪريٽري، يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد عباس بلوچ پاران آن لائين شريڪ ٿيو،

جڏهن ته ايڇ اي سي جا نمائندا ڊاڪٽر اي ڪيُو مغل، ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، ڊاڪٽر جان محمد مري، احسان لغاري، سيد محمود نواز شاه، ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راجپر، ڊاڪٽر اعجاز علي کوهارو، ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاه راشدي، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر بچل ڀٽو، ڊاڪٽر شبانه سرتاج تنيو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران مختلف اهم فيصلن ۾ مالي سال 2024-25 لاءِ بجيٽ ڪاٿو ۽ مالي سال 2023-24 لاءِ سالاني اڪائونٽس جي خرچن جي بابت يونيورسٽي جي سينيٽ ۾ آڻڻ لاءَ سفارش ڪئي وئي، سنڌ حڪومت طرفان 2024 ۾ مختص ٿيل ريليف الائونس ۽ پينشن ۾ واڌ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ استادن جي مقرري ۽ آفيسرن جي ترقي لاءِ 74هين سليڪشن بورڊ جي منٽس جي منظوري، ايڇ اي سي جي قاعدن مطابق پروفيسرن کي بي پي ايس-22 ۾ ميريٽوريس پروفيسر طور ترقي ڏيڻ جي سفارش، فيڪلٽي آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ کي “فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي” نالي سان تبديل ڪرڻ ۽ فارم اسٽرڪچر ڊپارٽمنٽ کي “فارم اسٽرڪچر اينڊ پوسٽ هاروسٽ ٽيڪنالاجي” نالي سان تبديل ڪرڻ جي منظوري، ايڇ اي سي جي اي جي پي-2023 ۽ يو اي پي-2023 پاليسين جي منظوري، ۽ ٻين انتظامي معاملن تي مختلف فيصلن تي غور ڪيو ويو.

آگسٽ 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو