ڪرڪيٽ جا 150 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن، آسٽريليا جو انگلينڊ خلاف ميچ جو اعلان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽيسٽ ڪرڪيٽ جا 150 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملهائڻ تي اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا ان حوالي سان واحد ٽيسٽ جا تفصيل جاري ڪندي ٻڌايو ته آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچ مارچ 2027 ۾ کيڏي ويندي.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ جا 150 سال مڪمل ٿيڻ تي ٽيسٽ ميچ جي ميزباني تاريخي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪندو.
15 کان 19 مارچ 1877 ۾ ٽيسٽ ميچ آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميلبورن ۾ کيڏي وئي هئي.