بنگلاديشي ڪرڪيٽر پاڪستان کان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا: مشفيق الرحيم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سينيئر وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفيق الرحيم چيو آهي ته پاڪستان شاهينز زبردست ڪرڪيٽ کيڏي ۽ خاص طور عمر امين ڏاڍو گهڻو متاثر ڪيو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشفيق الرحيم چيو ته اسلام آباد انتهائي خوبصورت شهر آهي، هو هتي پهريون ڀيرو آيو آهي، هتي سٺيون سهولتون آهن.هن چيو ته پاڪستان شاهينز طرفان نسيم شاهه ۽ محمد علي به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، سندن ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي جن کي هتي سکڻ جو موقعو ملندو ۽ رانديگرن کي فائدو ٿيندو.

آگسٽ 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو