سڄي ملڪ ۾ رڳو ڪراچي ۾ 6 مهينا بجلي مهانگي ملندي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي رهواسين، صنعتي ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي ايندڙ 6 مهينن تائين ڪي اليڪٽرڪ کان مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پوندي.ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪائٽ) جي صدر جوهر قندهاري جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ سڄي ملڪ جي سمورن ڊسڪوز کي بجلي 31 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست آهي ۽ اها درخواست سينٽرل پاور پرجيزنگ ايجنسي نيپرا ۾ جمع ڪرائي پر ڪراچي لاءِ ٻين کان مختلف قانون آهي ته ڪراچي لاءِ ايندڙ 6 مهينن تائين 3 کان 5 رپيا فيول ايڊجسٽمينٽ جي ۾ واڌ ٿيندي.هن چيو ته اهڙين حالتن ۾ ڪراچي جي صنعت هلي نه سگهندي.

آگسٽ 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو