نوشهروفيروز شهر گندگي جي لپيٽ ۾، ھر طرف برسات ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل، شھري پريشان

Spread the love

نوشهروفيروز )رپورٽ : محمد عادل عباسي ) نوشهروفيروز شهر گندگي جي لپيٽ ۾، ھر طرف برسات ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل، مختلف سياسي، سماجي ڌرين جو پریس کلب ء میونسپل آفیس آڏو احتجاج، 19 آگسٽ تي ڊي سي آفيس آڏو احتجاج جو اعلان ، ڊي سي نوشھروفيروز ارسلان شيخ پاران شھرين جي احتجاج جو نوٽس، سڄي ضلع ۾ مڇر مار اسپري ڪرڻ لاء مختلف ادارن جي سربراھن کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو،

 2 ڏينهن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ميونسپل انتظاميه کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون ان موقعي تي اڳواڻن محمد يونس راڄپر، عتیق وسطڙو، مسرور چاندیو، علینواز سولنگی شاھد مگٹیجو سید مدد علیشاہ فريد لاشاري، ثقلین اسراڻ، زاهد لنڊ ۽ ٻين چيو ته  گندي پاڻي سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي

 شھر جا سڀئي علائقا برسات ۽ گندي پاڻي سان ڀريل آھن دڪانن سان گڏ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو آھي گلين ۾ گندگي جو ڍير آھن اسان عذاب واري زندگي گذاري رهيا آھيون مونسپل ڪاميٽي شهر جي صفائي ۽ سٿرائي جي لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ميونسپل انتظاميا گهوٻيون هڻي ڪرپشن ڪري کائي رهيا آھن

ميونسپل ۾ 169 سينيٽري ملازم آھن انهن کي ويزا تي ڇڏيو ويو آھي ڊيوٽي چور ملازم ۽ ويزا سسٽم جي ڪري شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي

 هنن شهر جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي فوڊ گدام ڪالوني، ڳوٺ جمن راڄپر، کوڙو شريف، ڳوٺ گامون مڱڻيجو، مٺياڻي روڊ، الله وارو چونڪ، ٺاوشاھ اسٽاپ،  اياز ڪالوني، سيال محلا، سنڌ ڪالوني، رياض ڪالوني، ھيٺائين چونڪ گل ٹائون زردارڪالوني ڪاليج روڊ طالب سولنگی سميت شھر جا 16 ئي وارڊ ۽ آس پاس جا علائقا گندگي جي ور چڙهيل آهن ۽ گٽرن جو گندو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهي رهيو آهي شهر جي حالت خراب لڳي پئي آهي

 گندي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ شهرين کي وڏي تڪليف آهي پر ميونسپل ڪاميٽي چيئرمن ۽ آفيسر صرف ڪرپشن ۾ رڌل آهن  ان لاءِ ميونسپل چيئرمين، انتظاميا ۽ ڪرپشن ڪندڙ ٽولي خلاف جانچ ڪري کين هٽائي شهر جي صفائي ۽ گندي پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج کي وسيع ڪري 19 آگسٽ تي ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

ٻئي پاسي ڊي سي نوشھروفيروز ارسلان شيخ پاران شھرين جي احتجاج جو نوٽس وٺندي سڄي ضلع ۾ مڇر مار اسپري ڪرڻ لاء ٽائون ڪميٽي ، ميونسپل ڪميٽي سميت مختلف ادارن کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته 2 ڏينهن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ميونسپل انتظاميه کي ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

آگسٽ 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو