نِيرج سان پرڻي جون خبرون، مَنوءَ به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Spread the love

پيرس اولمپڪس ۾ ٻه ميڊل پنهنجي نالي ڪندڙ ڀارتي ايٿيليٽ منو ڀاڪر جولين ٿرور نيرج چوپڙا سان پنهنجي وائرل وڊيو ۽ شادين جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو دوران منو ڀاڪر چيو ته هوءَ 2018 کان نيرج چوپڙا سان مختلف تقريبن ۾ ملندي رهي آهي، جڏهن ته شاديءَ بابت هلندڙ افواهن بابت ڪائي ڄاڻ ناهي.
هن چيو ته نيرج چوپڙا سان ميگا ايونٽن کانسواءِ ڪڏهن به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، پر جيڪي افواهه سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن انهن ڪا به سچائي نه آهي.
ان کان اڳ منو ڀاڪر جي والد رام ڪشن به اهڙيون خبرون رد ڪندي چيو ته هو ته سندس نياڻي جو فلحال شادي جو ڪو ارادو ناهي ۽ هوءَ پنهنجي راند تي ڌيان ڏئي رهي آهي.

آگسٽ 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو