پوليس اصل جوابدار کي گرفتار نه ٿي ڪري ۽ ميڊيڪل لاءِ ليٽر به نه ٿو ڏنو وڃي: متاثر نينگر جا والدين

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو شھر جي سورج آباد محلا ۾ 3 ڏينهن اڳ ملاح گھٽي جي رھواسي  اظھر پٽ دين محمد ملاح 14 سالا عمير پٽ محمد ابراھيم ملاح کي زبردستي گھر ۾  ذيادتي جو نشانو بڻايو،

سندس دانهن تي پاڙي وارا پھتا نينگر سان بدفعلي ڪندڙ موقعي تان فرار ٿي ويو، متاثر نينگر والد سان اي سيڪشن ٿاڻي پھچي جوابدار خلاف اين سي داخل ڪرائڻ بعد پوليس جوابدار جي گھر تي چڙھائي ڪري جوابدار جي عيوض ۾ سندس ڀاءُ مظھر علي ملاح کي گرفتار ڪري ورتو،

 جڏھن ته متاثر نينگر جي والد ابراهيم امڙ شاهدان ملاح ۽ ٻين جوابدار خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اي سيڪشن پوليس رشوت وٺي گرفتار ڪيل جوابدار جي ڀاءُ کي آزاد ڪري ڇڏيو جوابدار اظهر ملاح ھر روز نشي ۾ ڌت ٿي ايندڙ ويندڙ معصوم ٻارڙن سان حرڪتون ڪري ٿو، ھنن چيو ته جوابدار ڌر اسان کي ڌمڪائي رهي آهي،

پوليس اصل جوابدار کي گرفتار نه ٿي ڪري ۽ ميڊيڪل لاءِ ليٽر به نه ٿو ڏنو وڃي ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور وحشي صفت جوابدار کي گرفتار ڪري محلي مان نيڪالي ڏني وڃي ۽ اسان غريب مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي،

آگسٽ 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو