سڪرنڊ : ٻيلي جي تيزيءَ سان واڍي جي نتيجي ۾ اڄڪلهه اتي اهي باياب وڻ، جانور ۽ پکي اڻلڀ
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ تي ٽالپرن جي حڪمراني واري دور ۾ شڪار لاءِ 5 هزار 500 ايڪڙ ايراضي تي قائم ٿيل پئي ٻيلو، ٻيلي کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن جي ڪرپشن، سياسي بااثر ماڻهن ۽ لينڊ مافيا جي زمين تي قبضن جي نتيجي ۾ تباهي جي ورچڙهي ويو آهي، 5500 ايڪڙ تي مشتمل هن ٻيلي ۾ ماکي، کنئور، تتر، ڦاڙها، هرڻ ۽ سها جام هوندا هئا،
هتي بهترين قيمتي وڻ نم، ٽالهي، ٻٻر ۽ ڪنڊي عام جام هوندي هئي، ٻيلي جي تيزيءَ سان واڍي جي نتيجي ۾ اڄڪلهه اتي اهي باياب وڻ، جانور ۽ پکي اڻلڀ ٿي ويا آهن، پئي ٻيلي جي قيمتي وڻن کي ٻيلي کاتي جا ملازم پاڻ ئي وڍرائي اتي وونئڻ، سرنهن ۽ ڪڻڪ جا فصل ڪهرائيندا رهن ٿا،
جنهن جي آمدني ڪروڙين روپيا ٿئي ٿي، جيڪا آر ايف او ۽ ڊي ايف او پنهنجي کيسي کي گرم ڪرڻ ۾ استعمال ڪن ٿا. هن ٻيلي ۾ وڏي خرچ سان ڪافي تعداد ۾ سولر ٽيوب ويل به لڳل آهن، پر اهي هر وقت بيٺل رهن ٿا ۽ ٻيلي جا بچيل وڻ سڪي رهيا آھن،
ٽيوب ويلن جي پاڻي تي فصل ٿيندو رهي ٿو، جيتوڻيڪ هن سرڪاري ٽيوب ويلن لاءِ وڏي بجيٽ جاري ڪري اها به هڙپ ڪئي وڃي ٿي، هن وقت به تازو ئي تقريبن هڪ هزار ايڪڙ تي پئي ٻيلي جا قيمتي وڻ وڍرائي انهيءَ زمين تي علائقي جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ٻيلي کاتي جي ملازم به ملوث آهن، ڪافي زمين تي ٻيلي کاتي وارن جو به قبضو آھي،
هن ٻيلي جي تي ٻيلي کاتي جا ڪافي پٽيوال ۽ چوڪيدار به وڻ وڍرائي رهيا آهن، ٻيلا جيتوڻيڪ ٿڌڪار ڏيندا رهن ٿا، پئي ٻيلي جي هجڻ دوران هتي جي موسم به سٺي هوندي هئي، هاڻي موسم به گرم رهي ٿي، بارش جو گهٽ پوڻ سنڌو درياهه جو چاڙهه ماکي جي مک، ڪافي بهترين پکي، قيمتي جانور اڻلڀ ٿي ويا آھن، پئي ٻيلي ۾ منپسند ماڻھن کي مقرر ڪري ٻيلي کي هٿ سان تباهه ڪري ديسي وڻن جو قتل عام، ناياب نسل جا جانور ۽ پکين سميت کنئور ماکي به اڻلڀ ٿي وئي آهي.
درياهه سنڌ جي ڪنڌي تي هجڻ ڪري پئي ٻيلو مالوند مارن جو ماڳ هو، جتي چوپائي جي نسلن جي به افزائش ٿيندي هئي، جنهن ۾ اٺ، ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون، رڍون پلبيون هيون، جن جا ولر ڏسڻ وٽان ملندا هيا، جيڪي هن وقت گهٽجي چڪا آهن، ايئن کڻي چئجي ته اڻلڀ آهن، جڏهن ٻيلي جو عروج هيو ته ڀرپاسي جي مارڪيٽن ۽ دڪانن ۾ واپرائڻ لاءِ ماڻهن کي نج کير، مکڻ ۽ گيهه آساني سان ميسر هوندو هو، جيڪو پڻ هاڻ اڻلڀ آهي، پئي ٻيلو جيڪو سڪرنڊ باءِ پاس وٽان شروع ٿيندو هو،
درياهه جي ڪنڌي تائين وڃي نڪرندو هو، هن وقت پنهنجو عروج وڃائي ويٺو آهي، جنهن جا ڪجهه حصا ليز تي وڏن طاقتورن کي ملي چڪا آهن، جتي وڻ وڍي زرعي فصل پوکيا پيا وڃن، سنڌ جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو زرعي فارم به ٻيلي جي حدن ۾ قائم هو، جتي نين جنسن جي وڌاءُ جو عمل ٿيندو هو، جيڪو اڳتي هلي سيڊ ڪارپوريشن حوالي ٿيو، جتي وونئڻن جي وڌاءُ ۽ تحقيق ٿي رهي آهي،
پر بدقسمتي سبب سيڊ ڪارپوريشن جي ناڪامي سبب هي فارم نقصان ۾ آهي ۽ ناڪام سڏجي ٿو، پئي ٻيلو سنڌ جو هن وقت محفوظ ٻيلو آهي، جتي سفاري پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ به بهترين ماحول آهي، جنهن جي قيام سان سنڌ سميت ٻين صوبن جي ماڻهن ۽ ٻاهرين سياحن کي تفريح جا موقعا به ملندا ۽ آمدني به ٿيندي. سنڌ ۽ نجي ادارا گڏيل طور ونڊ وجهي سفاري پارڪ جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا،
سفاري پارڪ کي ڪامياب بنائڻ ۽ عوام کي سفر جون سهوليتون ميسر ڪرڻ لاءِ سن ۽ سڪرنڊ وچ ۾ درياهه تي پل به اڏڻ لازمي ٿيندي جو نيشنل ۽ انڊس موٽر ويز ڳنڍجي ويندا، سياح باآساني اتي پهچي سگهندا.
آگسٽ 15, 2024