بنگلاديش خلاف ڪراچي ٽيسٽ ۾ تماشائي اسٽيڊيم نه اچن، پي سي بي آگاهه ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي هڪ ميچ بنا تماشائين جي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڪراچي ۾ شيڊيول ٻي ٽيسٽ ميچ بنا تماشائين جي کيڏي ويندي، اِهو فيصلو اسٽيڊيم ۾ جاري ترقياتي ڪم سبب ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي تيارين جي سلسلي ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري اڏاوتي ڪم سبب ٻي ٽيسٽ ميچ بنا تماشائين جي کيڏي ويندي.
پي سي بي موجب، تماشائين جي پرجوش ڪردار کي سمجهون ٿا، جڏهن ته مداحن جي صحت ۽ حفاظت پهرين ترجيح آهي، سمورن دستياب آپشن تي غور ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻي ٽيسٽ خالي اسٽيڊيم ۾ ڪرائي ويندي.
پڌرائي موجب، فيصلي جي نتيجي ۾ ٽڪيٽن جي وڪرو فوري طور معطل ڪئي وئي آهي، جيڪي تماشائي اڳواٽ ٽڪيٽ خريد ڪري چڪا آهن تن کي خريداري وقت فراهم ڪيل اڪائونٽ ذريعي جمع ڪيل رقم پاڻمرادو مڪمل واپس ملي ويندي.

آگسٽ 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو