بنگلاديشي ٽيم پاڪستان پهچي وئي، شيخ حسينه حڪومت جو حصو رهندڙ رانديگر به شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي.
بنگلاديشي ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ نجي هوٽل پهچايو ويو، شيڊيول موجب مهمان ٽيم اڄ آرام ڪندي.
بنگلاديش جي ٽيم 14 آگسٽ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پهريون ٽريننگ سيشن ڪندي، ٽن ڏينهن جي ٽريننگ کانپوءِ 17 آگسٽ تي بنگلاديش جي ٽيم اسلام آباد لاءِ رواني ٿيندي.
مهمان ٽيم پاڪستان جي دوري دوران ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، سيريز جي پهرين ميچ 21 آگسٽ کان راولپندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 30 آگسٽ کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي.
بنگلاديشي ٽيم ۾ عوامي ليگ جو حصو رهندڙ شڪيب الحسن به شامل آهي، شڪيب الحسن شيخ حسينا جي حڪومت سان گڏ پارليامينٽ ميمبر طور ڪم ڪري رهيو هو.
بنگلاديش ۾ شيخ حسينا واجد جي حڪومت ۽ ڪابينا ۾ شامل ماڻهن خلاف سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو ۽ مشرفي مرتضيٰ ۽ ليٽن داس جي گهرن کي باهيون ڏنيون ويون هيون.
شڪيب الحسن بنگلاديش ۾ جاري احتجاج دوران ڪئناڊا ۾ ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ رڌل هو ۽ ڪئناڊا مان ئي پاڪستان آيو آهي.