پاڪستان جي ترقي، خوشحاليءَ لاءِ نوجوان نسل خاص طور شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي:  خان بهادر سردار محمد نواز شيخ

Spread the love

لاڙڪاڻو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي نائب صدر خان بهادر سردار محمد نواز شيخ پنهنجي رهائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پياري وطن پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال سميت ٻين عظيم شخصيتن جدوجهد ڪري برطانيه جي انگريز سرڪار آڏو چٽو موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان هڪ الڳ ملڪ آهي، جنهن کي آزاد ٿيڻ کان دنيا جي ڪائي به طاقت روڪي نه ٿي سگهي،

جڏهن ته ان آزاديءَ واري جدوجهد ۾ اسان جي ڪيترن ئي وڏڙن جون شهادتون ٿيون ۽ لڳاتار ڪوششن بعد آخرڪار 14 آگسٽ 1947ع جي ڏينهن اسان جو ملڪ آزاد ٿيو، جنهن ۾ اڄ اسين سُک جو ساهه کڻي رهيا آهيون.

هن چيو ته هن وقت اسان پاڪستان ۾ آزاد زندگي گذاري رهيا آهيون، پر پاڪستان جي ترقي، خوشحاليءَ لاءِ نوجوان نسل خاص طور شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پڙهي لکي پنهنجي ملڪ کي اڃان وڌيڪ خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائين، ڇاڪاڻ پاڪستان اسان جي لاءِ الله تعاليٰ جي طرفان هڪ نعمت آهي.

پي پي پي اڳواڻ سردار محمد نواز شيخ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته قائد عوام پاڪستان کي دنيا اندر هڪ ايٽمي طاقتور ملڪ بڻايو،

جنهن ڪري هن وقت دشمن ملڪ اسان ڏانهن ميري اک سان نهاري نه ٿو سگهي، جڏهن ته هن وقت پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين صدر پاڪستان آصف علي زرداري ملڪ جي ترقي، خوشحالي سميت غريب عوام لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، جن سان ملڪ جو عوام هر موڙ تي گڏ آهي. 

آگسٽ 13, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو