لاڙڪاڻو : نئون ديرو شهر جي ڪرٽيه پاڙي واسين پاران مبينا طور قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ نئون ديرو شهر جي ڪرٽيه پاڙي جي رهواسين طرفان مبينا طور قتل جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت شازيه شيخ پنهنجي پيرسن امڙ زيب النساءِ، ڀيڻ شبنم شيخ، ڌيئرن اقرا، حرا، اقصيٰ، شارمي، پٽ عبدالرحمان شيخ ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سال 2002ع دوران منهنجي شادي پڦاٽ امداد علي شيخ سان ٿي هئي، جنهن مان چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته شادي کان پوءِ مڙس امداد شيخ هيروئن جو موالي ٿي ويو هيو،
جيڪو گهر جو خرچ گهرڻ تي مون سميت ٻارن کي مارڪٽ ڪندو هيو، جنهن ڪجھ سال اڳ مونکي پنهنجي ٻارن سميت گهران ڪڍي ڇڏيو هيو،
مڙس جي اهڙي عمل کان تنگ ٿي مان کائنس سال 2021ع ۾ عدالت معرفت طلاق ورتي، جڏهن ته طلاق جي هڪ سال کان پوءِ مان پنهنجي ماسات مدثر شيخ سان ٻي شادي ڪري ڇڏي، جنهن ڳالھ تان ڪاوڙجي منهنجي اڳوڻي مڙس جا ڀائر، ڀائٽيا محمد اسلم شيخ، گلزار، اعجاز شيخ، وسيم، نسيم شيخ ۽ ٻيا مون سميت منهنجي مڙس ۽ ڀائرن کي ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا،
جن گذريل 10 آگسٽ تي فوت ٿي ويل اياز شيخ جي قتل جو ڪوڙو ڪيس منهنجي مڙس مدثر شيخ، ڀاءُ عاشق شيخ، ڀيڻيون گلاب ۽ اشفاق شيخ مٿان نئون ديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي،
جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس مڙس مدثر، ڀيڻيوو گلاب ۽ مائٽ اوشاق شيخ کي گرفتار ڪري وئي آهي، جيڪي گذريل ٽن ڏينهن کان وٺي لاڪپ ۾ بند آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي.
هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلي جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اسان مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري مڙس، ڀيڻيوو ۽ مائٽ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.
آگسٽ 12, 2024