نوشهروفيروز : خانواهڻ جي رهواسي دڪاندار لالا تميز ملاح جوا ۽ منشيات جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو
نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ۾ خانواهڻ جي رهواسي دڪاندار لالا تميز ملاح جوا ۽ منشيات جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي تميز ملاح چيو ته محرابپور شهر جو منشيات فروش ۽ بُڪي هلائيندڙ جواري مختيار نوناري نوجوان نسل لاء هڪ خطرناڪ ناسور بڻيل آهي
جيڪو ڪيتري ئي وقت کان اهڙي جوا ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي هن چيو ته مختيار نوناري جي خلاف محرابپور پوليس کي دانهي ٿڪجي پيا آهيون پر ان خلاف ڪوبه عملدار قدم کڻڻ جي لاء تيار ناهي جنهن سبب احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهيان
پوليس به خاموشيء سان تماشو ڏسي رهي آهي جنهن ڪري نوجوان نسل تباهيء جي طرف وڃي پيو معامري جو نوٽيس وٺي جوا ۽ منشيات جو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي ته جيئن نوجوان نسل برباديء کان بچي سگهي.
آگسٽ 12, 2024