”سٺو بالر هيس“ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ڪرڪيٽ ڇو ڇڏي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيرس اولمپڪس 2024 ۾ پاڪستان لاءِ تاريخي ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو چوڻ آهي ته ايٿليٽ بڻجڻ کان اڳ سندس خواهش هئي ته ڪرڪيٽر بڻجي ۽ هو سٺو بالر به رهيو.
رپورٽ موجب، جيولين ٿرو مقابلي ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ کانپوءِ عالمي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو آهي ته هن ڪيريئر جي شروعات ڳوٺ جي سطح کان ڪئي، پنجاب ۾ صوبائي سطح تي ڪرڪيٽ کيڏي، هڪ سٺو بالر به رهيو پر ڪرڪيٽ ۾ موقعو ڏکيو ملندو آهي ان لاءِ ڪرڪيٽ ڇڏڻي پئي.
انٽرويو ۾ ارشد نديم ٻڌايو ته فٽبالر پڻ سٺو رهيو، بيڊمنٽن به کيڏي ۽ ايٿليٽ طور سفر شروع ڪيو، ان دوران ڪيتريون ئي ايونٽس فارٿرو، جرمن ٿرو، لانگ جمپ، هاءِ جمپ، ٽرپل جمپ 100 ميٽر ريس سميت مختلف رانديون کيڏيون ۽ پاڪستان ۾ ڊويزن جي سطح تي هڪ بهترين ايٿليٽ رهيو.
ارشد نديم موجب ان کانپوءِ سندس ڪوچ صلاح ڏني ته کيس جيولين ٿرو کي مستقل چونڊن گهرجي ڇاڪاڻ ته سندس قد ڊگهو آهي پر سندس خواهش رهي ته ڪرڪيٽ جي چونڊ ڪري پر اتي موقعو ملڻ ڏکيو هو جنهن سبب سندس خواهش اڌ رهجي وئي، سندس ڀاءُ ايٿليٽ ٿيڻ جو مشورو ڏنو ۽ اهڙي ريت هن سفر جي شروعات ٿي.
واضح رهي ته ارشد نديم اولمپڪس ريڪارڊ سان گڏ جيولين ٿرو راند ۾ گولڊ ميڊل کٽيو آهي، هن پيرس اولمپڪس ۾ 92.97 ميٽر ٿرو ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.