سڪرنڊ: سنڌي ۽ سرائڪي شاعر صوفي بزرگ حمل فقير لغاري جو 150 هون عرس ملهائجي نه سگهيو
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سنڌي ۽ سرائڪي جي شاعر صوفي بزرگ حمل فقير لغاري جو 150 هون عرس مبارڪ ثقافت کاتي جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري ملهائجي نه سگهيو نه ئي سندس آخري آرام گاه جو مرمتي ڪم ٿي سگهيو آهي. سندس مقبري جو ڪم به اڌ ۾ رهيل آهي . جڏهن ته حمل فقير آڊيٽوريم هال جي چوديواري به برساتن سبب ڊهي پٽ پٽ پئجي وئي آهي.
ياد رهي ته ميلا ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي پاران رسمي طور تي مزار تي چادر چاڙهي کيس ياد ڪيو ويندو آهي. هيئن ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مزار جو ڪم مڪمل ڪرائي ۽ حمل فقير جي شاعري ڪليات حمل جا ٻيا جلد به آڻي ته نوجوان طبقو لاڀ حاصل ڪري سگهي. هوڏانهن عرس جي موقعي تي سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار ۽ اديب محمد صديق منڱيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيد امداد شاه جي ڪوشش سان حمل فقير تي ادبي ڪانفرنس سميت ميلا پڻ ٿيندا هئا
۽ حمل ڪلچر ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي ۽ عرس جي تقريبن کي بهتر نموني سان ترتيب ڏيندي هئي ۽ ان کانپوء ڪوبه خاص ادبي پروگرام نه ٿي رهيو آهي جڏهن ته ضلعي ڪائونسل پاران عرس لاء فنڊ پڻ جاري ڪيا ويندا هئا پر ڪجھ سالن کان اهي فنڊ بند ڪيا ويا آهن. هن عظيم شاعر حمل فقير لغاري جي عرس تي ڪامورا سياسي ماڻهو ڌيان نه ڏئي رهيا آهن
هنن هتان ڪوبه فائدو. نوجوان شاعر ياسر لغاري چيو ته حمل جي مزار جو ڪم اڌ ۾ رهيل آهي ان تي ڌيان ڏنو وڃي. جڏهن ته ثقافت کاتي ۽ ميلا ڪاميٽي پاران موسم جي خرابي جو جواز ڄاڻائڻ درست ناهي.
سرموڙ شاعر حمل فقير لغاري جي قبر تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو ويو. جڏهن سنڌ جي سرموڙ شاعر حمل فقير لغاري تي ڪوبه پروگرام نه ڪري سگهيا جڏهن ته ثقافتي کاتي کي فنڊ هئڻ باوجود هن عظيم شاعر جي عرس مبارڪ تي ڪا ڪانفرنس نه ڪرائي سگهيا
جيئن هن بزرگ جو پيغام عام ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي ، سڪرنڊ پريس ڪلب ۽ يونين ڪائونسل حمل فقير پاران مزار تي الڳ الڳ چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي وئي جنهن بعد ڀيٽا تقريب منعقد ڪئي وئي جتي ثقافت کاتي جي غلام مجتبيٰ جوکيو ، ميلا ڪاميٽي جي محمد صالح ڪيريو لطيفي ، سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر رضا محمد سيال ، سنڌي ادبي سنگت جي محمد حنيف سومرو ، پيپلز پارٽي جي حاجي علي نواز چانڊيو ، همدرد سپورٽ پروگرام جي قاضي جاويد سنائي، محمد بچل ڪيريو ، راجا وسيم لغاري الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته حمل فقير جون خدمتون گهڻَ پاسايون آهن
مذهب کانسواءِ سندس شاعري به ڪمال جي آهي ڏاهن جو خيال آهي ته لطيف سائين کانپوءِ حمل فقير لغاري کي وڌ ۾ وڌ ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو هنن سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته حمل فقير لغاري جي مزار جو رهيل ڪم مڪمل ڪرائي قبرستان کي چوديواري ڏياري وڃي ان کان اڳ ميلا ڪاميٽي جي آرگنائيزر محمد صالح ڪيريو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي اهو پڻ چيو ته نومبر ۾ حمل فقير جو ٻه روزه ميلو لڳايو ويندو جنهن ۾ زرعي نمائش ، اسپورٽس ، راڳ رنگ جي محفل سميت مختلف اسٽال لڳايا ويندا ان موقعي تي فقير وزير لغاري ، خير محمد لاکو ، ياسر لغاري ، غلام حيدر سولنگي ، ذيشان سومرو ، غلام نبي ملاح ، عامر چانڊيو ۽ علي مردان لغاري سميت ڪئي شخصيتون شريڪ هيون.
آگسٽ 8, 2024