گرمي پد کي گھٽ ڪرڻ لاءَ وڻڪاري تمام گھڻي ضروري آھي: شھريار گل ميمڻ

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ اڄ شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي سان گڏجي يونيورسٽي جي اڱڻ ۾ ٻوٽا لڳايا

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ چيو ته ضلع کي سرسبز بنائڻ لاءِ ضلع جي سمورن سرڪاري ادارن، يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن ۾ وڻڪاري ڪئي پئي وڃي ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب گرمي پد ۾ اضافو ٿي رھيو آھي گرمي پد کي گھٽ ڪرڻ لاءَ وڻڪاري تمام گھڻي ضروري آھي

 ھن وڌيڪ چيو ته ضلع انتظاميه پاران 14 آگسٽ تائين ضلع ۾ ڏيڊ لک وڻ لڳايا ويندا ان موقعي تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي چيو ته ضلع انتظاميه پاران شروع ڪيل وڻڪاري مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سندس يونيورسٽي انتظاميه پاران ھر ممڪن سھڪار ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته گرين بيلٽ تحت اڄ يونيورسٽي ۾ وڻڪاري مھم شروع ڪئي وئي آهي جنھن تحت يونيورسٽي ۾ 10 ھزار ٻوٽا لڳايا ويندا

ان موقعي تي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر مشتاق احمد زرداري، رجسٽرار يونيورسٽي آصف علي زرداي، ڊائريڪٽر فنانس منظور سيال، پروفيسر لياقت علي زرداري، سينئير صحافي محمد اسماعيل ڊومڪي ۽ ٻيا عملدار موجود ھئا.

آگسٽ 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو