سکر: ايس ايس پي پاران وڏيري عنايت لکڻ جي اڳواڻي  پوليس اهلڪارن خلاف ٿيل خانگي ڪورٽ ۽ جرڳي خلاف ڪيس داخل

Spread the love

 سکر(رپورٽر) جرڳي۾ . پوليس اهلڪارن تي 4.5 ملين ڏنڊ  رکيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ته ادائگي نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اهو واقعو پوليس مقابلي ۾ بدنام ڊڪيٽ سدير لکڻ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ٿيو آهي.

بااثر ماڻهن سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي عدالت قائم ڪئي ۽ مقابلي ۾  پوليس اهلڪارن خلاف جرڳو ڪيو. ايس ايس پي سکر واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پوليس ٽيمون جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيون آهن،جڏهن ته جرگي جو فيصلو ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي،جنهن جي ڪري پوليس اهلڪارن تي جرڳي جي حڪمن جي تعميل لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

آگسٽ 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو