دادو: ڪي اين شاھ پوليس امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ بدران ڏوهارين جي سهولت ڪار بڻيل

Spread the love

دادو(ڊ-ر) ڪي اين شاھ پوليس امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ بدران ڏوهارين جي سهولت ڪار بڻيل آهي، جنهن سبب ڏوهارين علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو،

ڪي اين شاھ جي علائقي ڳوٺ ٻورڙي جي جوڻيجو برادري جي آڪاش احمد، منصور احمد،امتياز احمد، عديل اسلم، اويس، اياز ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي ڳوٺ ٻورڙي تعلقو خيرپور ناٿن شاھہ جا رھائشي علي شير، محبوب علي، شعبان علي جيڪي ھن وقت ڄامشوري ۾ رھن ٿا هنن جي ويجهو مائٽن طارق، پرويز، اشفاق، راشد، عبدالرؤف، زاھد سميت ٻين دادو لڳ ڳوٺ ٻورڙي ۾ ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي

 هنن چيو تہ هي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن علائقي واسين جون چوريون ڪري مٿي ڄاڻايل پوليس عملدارن جي مدد وٺي ڪراچي ۾ پناهه وٺن ٿا پوءِ ڪجھہ ڏينهن بعد واپس اچي وري ساڳيو ڏوھ ڪري ماڻهن جون لکين رپين جو چوريون ڪن ٿا جن مٿان قتل جي ڪيسن سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جون ايف آءِ آر پڻ داخل آهن

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد،ايس ايس پي دادو ميرسعود مگسي سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته مٿي ڄاڻايل ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان ڪرايو وڃي.

آگسٽ 8, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو