ڪجهه ماڻهو پئسا ڏئي منهنجي ۽ سکر شهر خلاف سازشون ڪري رهيا آهن: ميئر سکر

Spread the love

سکر (  رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ ) سکر  ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پئسا ڏئي منهنجي ۽ سکر شهر خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، پر اسان کي انهن جي ڪابه پرواهه ناهي، گذريل 22 ڪلاڪن دوران لڳاتار بارش پوڻ باوجود شھر جي 95 سيڪڙو علائقن مان پاڻي جو نيڪال ڪري ڇڏيو آھي،

 ھن چيو ته اسان تسليم ڪريون ٿا ته جنريٽر جي خرابي سبب گھنٽا گھر ۽ ڊگري ڪاليج  واري علائقن ۾ مسئلا پيدا ٿيا اسان اتي   متبادل مشينري جو انتظام ڪري ڇڏيو   آهي،

 ايندڙ برساتن جي اسپيل ۾ ڪو به مسئلو نه ٿيندو.سکر جي مرڪزي علائقي گهنٽا گهر ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته شهر کي برساتن کان نه پر شيطاني عنصرن کان خطرو آهي، جيڪي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪري رهيا آهن  انهن کي واضع طور تي چوان ٿو ته انهن جي مونسان دشمني آهي ته ان جو بدلو مونکان وٺن ، شهر جو ٻيڙو غرق نه ڪن،

هن چيو ته هي شهر اسان جو آهي ۽ اسان ھتي جنم ورتو آھي، هتي اسان جي بزرگن جون قبرون آهن، هن شهر سان دشمني ڪنهن به ريت سٺي ناهي. ھن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات سکر ۾ 137 ملي ميٽر ٿي.برسات سبب ڪجهه علائقن ۾ جنريٽر جي خرابي سبب مسئلا پيدا ٿيا، جن کي حل ڪيو ويو آهي،

انشاء الله ايندڙ بارش ۾ ڪٿي به مسئلو نه ٿيندو. ھن چيو ته پراڻي سکر واري علائقي جي 70 سال جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بهتر انتظامن جي ڪري اتي پاڻي ناهي بيٺو. پراڻي سکر ۾ ڪٿي به ھڪ انچ پاڻي بيٺل نه آهي  سکر شهر جي اندر 57 ڊسپوزل اسٽيشنز تي متبادل مشينري رکي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور استعمال ڪري سگهجي،

ھن چيو ته گھنٽا گھر ۾ جيڪڏهن مون سون سيزن ڊسپوزل جي اپ گريڊيشن ڪيون ھا ته ٻين علائقن ۾ به مسئلا پيدا  ٿين ها، هن چيو ته سکر شهر جي مرڪزي علائقي ۾ گهنٽا گھر چوڪ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 20 سيپٽمبر کان ڪم شروع ڪيو ويندو،  هن چيو ته 2 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن

جنهن مان هڪ ارب 80 ڪروڙ روپيا جاري ئي  ناھن ٿيا  . شيطاني عنصر مون کي ناڪام ضرور ڪن، پر هن شهر ۽ ان جي 7 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ناڪام نه ڪن . ھن چيو ته واپاين ۽ شھرين کي اپيل آھي ته اھڙن شر پسند ماڻھن تي نظر رکن.

آگسٽ 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو