عمران خان جيل مان ٻاهر نڪرڻ ئي نـ ٿو چاهي ڇاڪاڻ تـ کيس خبر آهي تـ عوام هن لاءِ ٻاهر نـ نڪرندو: صدر نثار کهڙو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء اللہ هڪڙو ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي تـ پي ٽي آءِ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪي آهي عمران خان جيل مان ٻاهر نڪرڻ ئي نـ ٿو چاهي ڇاڪاڻ تـ کيس خبر آهي تـ عوام هن لاءِ ٻاهر نـ نڪرندو جن جي ڪلھن تي چڙھي آيو ھو انھن کي ھاڻي منٿون ڪري رھيو آھي

 اهڙن خيالن جو اظهار پ پ سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کھڙو ڪراچيءَ جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ محبوب عباسي پاران پيپلز پارٽي ضلعي ايسٽ جي نون چونڊيل عهديدارن ضلعي صدر اقبال ساند نائب صدر سرور غازي جنرل سيڪريٽري رياض بلوچ انفارميشن سيڪريٽري فرخ نياز تنولي جي مان ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي باني جي آزاديءَ لاءِ صرف خانـ پوري ڪرڻ لاءِ علامتي بک هڙتال ڪري رهي آهي

 جڏهن تـ هو مظاهرن جو اعلان ڪري ڀڄي رهيا آهن ڇاڪاڻ تـ انھن جو اصل چھرو عوام آڏو ظاھر ٿي چڪو آھي ۽ کين خبر پئجي چڪي آهي تـ عوام ساڻن انھن سان گڏ نـ آهي عوام پي ٽي آء کي مڪمل طور تي رد ڪري چڪو آھي ھن چيو تـ عوام جي ووٽ جي طاقت سان ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مھدي خطاب ڪندي چيو تـ عمران خان جمهوري ناهي ڇاڪاڻ ته هو آمر پرويز مشرف جي ريفرينڊم مهم هلائيندڙ رهيو آهي

 ان لاءِ هو ڪڏهن بـ جمهوري ٿي نـ ٿو سگهي جڏھن تـ اسان جي جدوجهد عوام جي خوشحالي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهي ۽ عوام جو ڀٽو خاندان سان جيڪو تعلق آھي اھو عشق جو رشتو آهي جيڪو ڪڏھن ٽٽڻ وارو نـ آھي پيپلز پارٽي اڄ بـ روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي عمل پيرا آهي ۽ عوام جي خدمت ڪري رھي آھي

 ھن وقت بـ برسات متاثرن خاندانن کي آباد ڪرڻ لاء 21 لک گھر ٺھرائي رھيا آھيون جيڪي برسات متاثرن کي ڏنا ويندا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي لکين غريب خاندانن جي مدد ڪئي پئي وڃي هن وڌيڪ چيو تـ پي ٽي آءِ جو ليڊر عمران خان صرف ڊرامو ڪرڻ لاءِ جيل مان ٻاهر نڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي

 پر آصف علي زرداريءَ 11 سال جيل ۾ رهيو سختيون برداشت ڪيون مگر هن ڪڏهن بـ اِهو نـ چيو تـ مون کي جيل مان ٻاھر ڪڍو هن چيو تـ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جيلن اندر سختيون برداشت ڪيون پر هڪ لاڏلو ليڊر جيل ۾ شاهاڻي انداز سان قيد ڪٽي رهيو آهي جنھن کي جيل اندر سڀ سھولتون ميسر آھن

 هن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جا 3،3 ڀيرا ميئر رهيا پر انهن ڪراچي جي عوام لاءِ ڪجهه بـ نـ ڪيو انھن جي ڪارڪردگي عوام آڏو آھي واحد پيپلز پارٽي آھي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ ڪراچيءَ ۾ بنا ڪنهن فرق جي ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي ان لاءِ عوام بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏئي ٿو پ پ اڳواڻ محبوب عباسي خطاب ڪندي چيو تـ ڀٽو خاندان جون ھن ملڪ جي عوام لاء لازوال قربانيون آھن

 جن عوام خاطر شھادتون ڏنيون مگر ڪڏھن بـ جابر آمر آڏو نـ جھڪيا نـ وڪيا اھو ئي سبب آھي جو ملڪ جو عوام انھن کي اڄ ڏينھن تائين وساري نـ سگھيو آھي ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ جنھن وقت کان وٺي پيپلز پارٽي ۾ شريڪ ٿيو آھيان ان وقت کان موقعي جي تلاش ۾ ھوندو آھيان ۽ تقريبون منعقد ڪري پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وچ ۾ ھڪ پل جو ڪردار ادا ڪندي انھن کي گڏ ڪندو آھيان

 جيڪو مون لاء باعث فخر ۽ خوشيء جي ڳالھ آھي ان موقعي تي پ پ ضلعي ايسٽ جي صدر اقبال ساند راشد خاصخيلي آصف خان حاڪم علي جسڪاڻي سرور غازي طارق شاھ حسنين عباسي تاج محمد وساڻ بشير خاصخيلي الياس گبول خطاب ڪندي چيو تـ شھيد بينظير ڀٽو دنيا جي پھرين مسلمان عورت وزيراعظم ۽ جمھوريت جي علمبردار آھي

 جيڪا ملڪ جي عوام جي خوشحالي لاء ڪم ڪندي رھي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جنھن ملڪ کي ائٽمي طاقت ڏني ھنن چيو اھڙي ٻئي ڪا بـ پارٽي نـ آھي جنھن جي قيادت ھن ملڪ جي عوام خاطر ايتريون قربانيون ڏنيون ھجن ھنن چيو تـ انشا اللـ اھو ڏينھن پري نـ آھي

 ھن ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ھوندو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ محمد حنيف سومرو بشير بروھي مستي خان ڄام صيفل احسن نقوي ياسين بٽ ارم خان يعقوب سولنگي ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ پ پ ڪارڪنن عورتن شرڪت ڪئي جڏھن تـ ٿيل جلسي جي اسٽيج جا فرض رمضان رند طرفان سر انجام ڏنا ويا.

آگسٽ 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو