ٺٽو : بسلسلہ شھادت امام زين العابدين جي مناسبت ڏيھاڙي تي  مختلف امام بارگاھون تان جلوس برآمد

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) 25 محرم الحرام بسلسلہ شھادت امام زين العابدين جي مناسبت ڏيھاڙي تي  ٺٽي شھر جي مختلف امام بارگاھون تان جلوس برآمد ڪيا ويا ، 

شھادت امام زين العابدين عليه السلام جي مناسبت سان انجمن سجاديہ پاران ڳوٺ گل حسن سولنگي وارڊ 2 ٺٽو سيد سبطين علي شاه بخاري جي پڙ تان جلوس عزا برآمد ڪيو ويو، جيڪو مقررہ رستي ٺٽي شھر چانگ امام بارگاھ، شيرازي امام بارگاھ،. بخاري امام بارگاھ کان ٿيندي سيد سبطين شاھ پڙ تي اختتام پزير ٿيو،

جتي عزادارن ۾ نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو،انھي موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان ھتي جلوس عزا جو سلسلو ھلندڙ آھي ۽ انشاءالله اھو سلسلو ھميشہ قائم رھندو.

آگسٽ 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو