سڪرنڊ: پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 هين سالگره ملهائي وئي
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو سڪرنڊ پاران شهيد مير مرتضٰى ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 هين سالگره جو ڪيڪ ڪٽي، هڪٻئي کي مبارڪون ڏئي پروقار نموني سان ملهائي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن اڪبر سوڍر، بابر مغيري، غازي نجيب چانڊيو، شاهد چانڊيو، شوڪت ڀاڻوجو ۽ ٻين چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي 34 سالگره جي موقعي تي اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڀٽو خاندان جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جان جا نذرانا ڏنا آهن.
مختلف آمراڻا دور هجن يا ملڪ مٿان ڏکيا بحران رهيا هجن. ڀٽو خاندان عملي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هنن چيو ته مير شاهنواز ڀٽو، مير مرتضٰى ڀٽو، فاطمه ڀٽو هميشه عوام جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ڪنهن به قسم جي قربانين ڏيڻ کان ڪڏھن به نه ڪيٻايو. هنن چيو ته پ پ شهيد ڀٽو ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي ۽ يقين سان چئون ٿا ته پاڪستان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو. تقريب ۾ مٺل جلباڻي، معشوق ملاح. وقار چانڊيو ۽ ٻيا ڪارڪن موجود هئا.
آگسٽ 1, 2024