نيٺ عوام جو ڇا ٿيندو ؟
شهر بانو
عوام معنيٰ جمهور ۽ جمهوريت مان مراد آهي عواميت. اسان جڏهن جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهيون يا لکندا آهيون ته ڦلاڻي جماعت يا حڪومت جمهوري آهي ته ان جي معنيٰ ٿي ته عوامي پارٽي يا عوامي حڪومت آهي. جيڪا جماعت عوام جي ووٽ سان چونڊجي حڪومت ۾ ايندي آهي يعني جنهن کي عوام ووٽ ڏيندو آهي تنهن کي جمهوري يا عوامي حڪومت چئبو آهي.
وري جيڪي جماعتون چونڊن ۾ بيهي اقتدار ۾ يا حڪومت ۾ اينديون آهن سي عوام سان اهو واعدو ڪري اينديون آهن ته حڪومت ۾ آچي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪنداسين، اوهان جي خدمت ڪنداسين معنيٰ ته حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ اهي اسان جا ”خادم“ ٿيندا حڪمران نه. حڪومت ڪندڙ کي برابر حڪمران چئبو آهي پر اصولي طور تي اهي حڪمران يعني حڪومت ڪندڙ عوام جا خادم هوندا آهن. اسان جي حڪمرانن کي عوام جي ٽيڪسن مان پگهار ملندي آهي ان حساب سان اهي حڪمران عوام جا نوڪر هوندا آهن يعني خادم ۽ ڪم ڪندڙ. اصل ۾ اها ئي اهميت آهي جمهوري نظام ۾ عوام ۽ حڪمرانن جي يعني حڪومت ڪندڙن جي.
پر عملي طور ڏٺو اهو ويو آهي ته هتي عوام جي ڪا اهميت ئي ناهي. سڄو پروٽوڪول مراعتون، وڏا عهدا ۽ سهولتون حڪمرانن لاءِ آهن ڄڻ کين بادشاهي ملي وئي هجي پر عوام لاءِ ڪي سهولتون، مراعتون ۽ پروٽوڪول ناهي. مطلب ته ابتو نظام آهي. جيڪي خادم آهن سي حڪمران بڻيل آهن ۽ عوام جيڪي حڪمران آهن سي حڪومت جا ڄڻ نوڪر هجن. جن جي نه جان، مال ۽ عزت محفوظ آهي، نه کين تعليم ۽ صحت جون سهولتون آهن نه ئي کين روزگار جا ججها موقعا ملن ٿا. مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي، بجلي ۽ گيس جا اگهه ايترا وڌي ويا آحن جو عوام انهن جا بل ئي ادا نه ٿو ڪري سگهي. هتي غريب غريب تر ۽ امير امير تر ئي ٿيندو ٿو وڃي. حڪمران طبڪو شاهوڪار ۽ مالدار ٿيندو ٿو وڃي. انهن لاءِ بجلي به مفت ته گيس به مفت ته پيٽرول به مفت ته علاج به مفت پر غريب عوام لاءِ اهي سڀ ضرورتون مهانگيون ئي ٿينديون ٿيون وڃن. ٻيو ته ڇڏيو حياتي بچائڻ جون دوائون به عام ماڻهن جي خريد کان ڏور ٿينديون ٿيون وڃن.
عوام جي اهڙي حالت انهن خادمن ڪئي آهي جيڪي عوام جي خدمت جو چئي ووٽ وٺي، مهانگائي گهٽائڻ،، بجلي ۽ گيس جون سهولتون ڏيڻ جو واعدو ڪري اقتدار ۾ آيا هيا. جيڪڏهن حڪمرانن جو عوام ڏانهن اهو ئي رويو رهيو ته پوءِ سوال اهو آهي ته عوام جو ڇا ٿيندو؟. عوام جي هن وقت حالت خود ڪشي جهڙي آهي. عوام ته روز خود ڪشي ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي عذاب سندن جيئڻ تان ئي ارواح کڄائي ڇڏيو آهي. چون ٿا ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون آهن في الحال عوام کي ڏکيا فيصلا برداشت ڪرڻا پوندا پر سوال اهو آهي ته خراب حالتون حڪمرانن تي لاڳو ڇو ناهن. انهن جي شاهاڻن خرچن، مراعتن، يا پگهارن ۾ ڇو ڪمي نه ٿي اچي اهي ڇو نه ٿا قربانيون ڏين ۽ سادگي اختيار ڪن.
بحرحال ڪجهه به هجي. ظلم، نا انصافي ۽ ذيادتي گهڻو وقت نه هلي سگهندي. اهو وقت ضرور ايندو جڏهن هي نظام سڌو ٿي ويندو جنهن ۾ عوام حڪمران هوندو ۽ حڪمران عوام جا خادم هوندا. ان لاءِ بس عوام کي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. سندس طاقت ووٽ آهي. جيڪڏهن عوام درست نموني پنهنجي ووٽ استعمال ڪندو ۽ حڪمرانن بدران پنهنجن اصل خادمن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندو ته تڏهن ئي سندن ڀلائي، خوشحالي ۽ حڪمراني جو دور ايندو.
جُولاءِ 31, 2024