ڪنري کان نبي سر ٿر جي روڊ جو ڪم بند ھجڻ ۽ ڪچي شراب جي سري عام وڪري خلاف ڌرڻو
ڪنري (رپورٽر) ڪنري کان نبي سر ٿر جي روڊ جو ڪم بند ھجڻ ڪچي شراب جي سريعام وڪري خلاف ميمڻ ڪنري جي رھواسين جو روي ڪمار. ڏيون ڪمار جي سربراهي م احتجاجي مظاهرو ڌرڻو سخت نعريبازي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو مظاهري م اگوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ به شريڪ ميمڻ ڪنري جي رھواسين روڊ جو ڪم بند ھجڻ علائقي م ڪچي شراب سميت منشيات جي سريعام وڪرو ٿيڻ خلاف ڪنري. نبي سر ٿر. روڊ ميمڻ ڪنري وٽ ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي بند ڪري ڇڏيو ڌرڻي سبب ڪنري کان نئون ڪوٽ. نبي سر ٿر. مٺي. ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي
گاڏين جون قطارون لگي ويون احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪنري. نبي سر ٿر جي روڊ جو ڪم فل فور شروع ڪري ڪچي شراب سميت ٻي منشيات جو وڪرو بند ڪرايو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو سال کان روڊ تي پٿر وڃائي ٺيڪيدار گم ٿي ويو آهي جنھن سبب تمام گهڻي پريشاني ٿي رھي آھي
ڪنري کان نبي سر ٿر جو سفر ڏھ منٽ جو ھجڻ باوجود روڊ تي پٿر ھجڻ سبب ڪلاڪ کان مٿي جو وقت لگيو وڃي روڊ تي پٿر وڇايل ھجڻ سبب ايڪسيڊنٽ روز جو معمول بڻيل آهن. مظاھرين. ڪچي شراب سميت مختلف منشيات جو سريعام وڪرو جاري آهي
پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود به پوليس ڪا ڪارروائي نه پئي ڪري جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رھي آھي منشيات جي عام واهپي سريعام وڪري سبب جھيڙا چوريون روز جو معمول بڻيل آهن. سابقہ ايم پي اي ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ
جُولاءِ 31, 2024