وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران مڇي برآمد ڪندڙن ۽ سي فوڊ ڪمپنين سان ميٽنگ ڪئي وئي
ڪراچي(رپورٽر) بحري معاملن جي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ مڇي برآمد ڪندڙن سان ميٽنگ ٿي گذري. اجلاس ۾ پاڪستاني ۽ چيني سي فوڊ ڪمپنين وچ ۾ ڪاروباري منصوبن جي قيام سان لاڳاپيل موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران ملڪ ۾ غذائي جنسن جي طور تي ماهي گيري ۽ آبي زراعت وارن شعبن سان لاڳاپيل جامع رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ رپورٽ پيش ڪرڻ تي بي او آءِ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ برآمد ڪندڙن جي موجودگي توڙي سهڪار ڪرڻ تي سندن ٿورا مڃيا.
اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پاران يقين ڏياريو ويو ته حڪومت پاڪستاني ۽ چيني سي فوڊ ڪمپنين جي وچ ۾ڪاروباري منصوبن لاءِ سي فوڊ ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن جي مدد ڪندي. اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾سڀني سمورن پاسن تي روشني وڌي وئي، جيڪي شعبي اندر سيڙپڪاري وارن موقعن جي رهنمائي ڪرڻ سان لاڳاپيل هئا. رپورٽ ۾ چيني ۽ پاڪستاني سامونڊي کاڌي جي صنعتن جي وچ ۾ ماهيگيري ۽ آبي زراعت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وارن موقعن ۽ رستن جي نشاندهي ڪندي چيو ويو ته هن شعبي لاءِ اهم ترقي جا موقعا آبي زراعت ۽ جھينگا فارمنگ نمايان آهي، جڏهن ته جھينگا، ڪيڪڙ ۽ ٽونا اسٽاڪ کي رپورٽ ۾ واضع ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آبي زراعت توڙي جھينگا فارمنگ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته آمريڪي سامونڊي کاڌي جي مارڪيٽ تمام منافعي واري آهي، جنهن جي درآمد جي لاڳت 23 بلين آمريڪي ڊالر آهي ۽ چين کان آمريڪا ڏانهن سامونڊي کاڌي جي برآمدات ۾ گهٽتائي جو رجحان ڪيترن ئي سببن جي ڪري گهٽجي ويو آهي، جنهن ۾اضافي محصولن جو تناسب 25 سيڪڙو تائين وارو سبب پڻ آهي. جڏهن ته چين ڏانهن سامونڊي کاڌن جي برآمد ۾ مٿي ڄاڻايل رڪاوٽ پاڪستان لاءِ موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي
ته هو ان ئي پيداوار جي روشنيءَ هيٺ آمريڪي منڊي کي تلاش ڪري سگهجي ٿو. سي فوڊ برآمد ڪندڙن پاران اهڙي اهم مامري تي اجلاس منعقد ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيني ڪمپين سان گڏ ڪاروبار سان لاڳاپا قائم ڪرڻ تي خواهش جو اظهار ڪيو. برآمد ڪندڙن جي اڪثريت جو چوڻ هو ته اهي اڳ ئي چيني اختيارين سان جوائنٽ وينچر ماڊل وسيلي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه واري عمل جو حصو بڻيل آهن.
جُولاءِ 31, 2024