سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 ايوب ڳوٺ ۾ سيوريج جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سيوريج لائين تبديل ڪرڻ جو ڪم

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو ) سهراب ڳوٺ ٽائون يو سي 3 ايوب ڳوٺ ۾ ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم ۽ يو سي 3 جي وائيس چيئرمين قادر بخش برفت جي ڪوششن سان ڊگهي عرصي کان هلندڙ سيوريج جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ 12 سئو فوٽ کان وڌيڪ سيوريج لائين تبديل ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي .

 رهواسين ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم ۽ يوسي 3 جي وائيس چيئرمين قادر بخش برفت جي ڪيل ڪمن کي ساراهيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي علائقي واسين جو چوڻ هو ته اسان جي علائقي ايوب ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪو ڪم ٿيو آهي ته پيپلزپارٽي وارن ڪرايو آهي ووٽ وٺڻ لاءِ هتي ٻارنهن پارٽيون اچن ٿيون پر اسان جا مسئلا رڳو پيپلزپارٽي جي ماڻهن حل ڪيا آهن . اسان ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم ۽ وائيس چيئرمين قادر بخش برفت جا ٿورائتا آهيون جيڪي اسان جي گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ نوان پائپ لڳائي رهيا آهين.

ان موقعي تي جنرل ڪائونسلر يوسي 3 خان محمد برفت ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عبدالجبار برفت چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 ايوب ڳوٺ ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو ڪافي عرصي کان هلي رهيو هو ، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين لالا عبدالرحيم ۽ يوسي 3 وائيس چيئرمين قادر بخش برفت پاران حل ڪيو پيو وڃي،

اسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم جا ٿورائتا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 جي هر روڊ ۽ هر گهٽي کي بهترين انداز ۾ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون ، يوسي 3 جي هر مسئلي جي حل لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيا آهيون .

جُولاءِ 29, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو