نوشھرو فيروز : پيءُ، چاچن ۽ سئوٽن ھٿان تشدد جو نشانو بڻيل عورت جو علاج جاري
نواب شاھ ( رپورٽ: فدا حسين رند) نوشھرو فيروز جي علائقي گل ٽائون ۾ پيءُ، چاچن ۽ سئوٽن ھٿان تشدد جو نشانو بڻيل عورت مسمات صوبيه بتول جو علاج نواب شاھ جي پي ايم سي اسپتال ۾ علاج جاري آھي،
جڏھن ته گذريل رات ڊاڪٽرن پاران متاثر ڄنگھن جو آپريشن ڪيو ويو جنھن بعد مسمات صوبيه بتول جي حالت سڌرندڙ آھي، جڏھن ته مختلف سماجي تنظيمن ۽ عورت اڳواڻن پاران عيادت جو سلسلو به جاري آھي،
جڏھن ته اڄ ھيوومن رائيٽس سنڌ جي عورت اڳواڻن انس ھارون، شيرين اعجاز، مھر افشان ميمڻ ۽ ٻين پي ايم سي اسپتال جي ھڏن واري وارڊ ۾ پھچي مسمات صوبيه بتول جي عيادت ڪئي،
ان موقعي تي عورت اڳواڻن جو چوڻ هو ته صوبيه بتول سان پيش ايندڙ واقعو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي جنھن کي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي، ھن چيو ته اسان صوبيه بتول جي ھن ممڪن مدد ڪنداسين، اسان جي ڪوشش آھي ته جوابدارن جي ڪنھن به صورت ۾ ضمانت نه ٿئي ۽ انھن کي سخت کان سخت سزا اچڻ گھرجي،
ھنن چيو ته جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه ھجن انھن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ھر ممڪن مدد ڪنداسين، متاثر عورت مسمات صوبيه بتول چيو ته مونتي حملو ڪندڙ جوابدار ضمانتون ڪرائي آزاد گھمي رھيا آھن
۽ مونکي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڪيس تان ھٿ کڻ ٻي صورت ۾ توکي ماري ڇڏينداسين، ھن چيو ته مونتي حملو ڪندڙ جوابدار جي مجاھد شاھ ۽ طالب شاھ سپورٽ ڪري رھيا آھن، انھن مان مونکي جان جو خطرو آھي،
ھن ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مونتي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
جُولاءِ 28, 2024