سڪرنڊ لڳ ڪلاسيڪل راڳي گلاب گل گڙدن ۽ دل جي تڪليف ۾ مبتلا

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ محمد هاشم ڪيريو جي رهواسي ڪلاسيڪل راڳي گلاب گل گڙدن ۽ دل جي تڪليف ۾ مبتلا. هڪ سال بيماري جي بستري تي پيل. غربت هئڻ ڪري علاج ڪرائڻ کان لاچار. ثقافت کاتي ۽ حڪومت سنڌ کي سرڪار خرچ تي علاج ڪرائڻ جي اپيل. راڳي گلاب گل چيو ته اسان خانداني راڳي آهيون

 منهنجي سکيا منهنجي ڏاڏا ۽ والد صاحب ڪئي ۽ پهرين ڳائڻ جي شروعات سن شهر ۾ ڪيم جتي عابده پروين به ڳايو هو جنهن بعد مون کي وارو مليو. سائين جي ايم سيد مون کي گهرائي انعام سان گڏ چيو ته اڄ گل نه پر گلاب جو گل آهين ان بعد آئون ان ئي نالي سان ڳائيندو اچان پيو.

جنهن ۾ 1987 ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي نصير مرزا جي ميزباني هيٺ ڪافي عرصو ڳايو جنهن بعد 1988 ۾ پي ٽي وي تي پڻ پروگرام ڪيا جنهن بعد ڪيترن ئي سنڌي چئنلن تي ڳايو اٿم ۽ ڪافي ڪلام ڪيسٽن ۾ محفوظ ٿيل آهن. بيماري سبب سخت تڪليف ۾ آهيان

 اسين روز ڳائڻ وارا ۽ روز کائڻ وارا فنڪار آهيون زندگي ڏاڍي تڪليف ۾ گذري آهي. هن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه کي اپيل ڪندي چيو ته آهي منهنجي مالي مدد ڪري سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

 سندس گهرواري جنت چيو ته ڪنهن جي اڳيان به هٿ نه ٽنگيوسين پر اڄ منهنجو مڙس گلاب گل بيماري سبب گهر ۾ پيل آهي گهر جو سڀ ڪجهه کپائي ڇڏيو آهي معصوم ٻچا ۽ نياڻيون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

جُولاءِ 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو