ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو)  سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران ڊجيٽل آدمشماري، پريا ڪماري جي آزادي ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي وارن اشوز تي 28 جولائي تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ ڪراچي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون

 جنهن کي خطاب ڪندي خير محمد مگسي، مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري، رجب مگسي، ڏاڏو عمراڻي، غلام علي بليدي، شير جان کوسي چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکاري بدنيتي جو مظاهرو ڪيو ويو آهي جنهن بابت اڳواٽ خدشا ظاهر ڪيا هئاسين

 هنن وڌيڪ چيو ته هن مهل تائين پريا ڪماري کي آزاد نه ڪرائڻ سرڪار جي نااهلي آهي پريا کي جلد آزاد ڪرايو وڃي ۽ ڪارونجهر توڙي اس پاس جا جبل سنڌ جو تاريخي ورثو آهن انهن جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي 28 جولائي تي ڪراچي جا سمورا سنڌ دوست ماڻهو سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڀرپور احتجاج ڪندا جنهن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي.

جُولاءِ 25, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو